گمبٽ ۾ ايڇ آءِ وي وگهي 9 مهينن جو معصوم ٻارڙو فوت، علائقي ۾ ڏک ۽ حراس

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ خانڻ ناريجو واسي نو مهينن جو معصوم ٻارڙو محمد طاهر ايڇ آءِ وي وبا وگهي فوت ٿي ويو.
ٻارڙي جو مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي واسين ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.
وارثن موجب معصوم محمد طاهر کي طبيعت خراب ٿيڻ تي گمس اسپتال گمبٽ داخل ڪيو ويو، جتي سندس ٽيسٽن دوران ايڇ آءِ وي هجڻ جي تصديق ٿي. بعد ۾ وڌيڪ علاج لاءِ کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو.
ٻئي طرف گمبٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايڇ آءِ وي سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ سبب شهرين ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي.
علائقي واسين صحت کاتي کان وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ متاثر خاندانن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment