گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ جي مشهور گمس اسپتال ۾ عبدالله جان نالي مريض جي گڙدن جي پوندڪاري واري معاملي ۾ ايف آءِ اي جي جاري جاچ دوران هڪ نئون موڙ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ مريض جي فائيل مان اهم قانوني ڪاغذ گم ٿي ويا آهن.
تفصيل موجب، گڙدن جي پوندڪاري واري شعبي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر جي فرياد تي گمبٽ ٿاڻي تي هڪ اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن جي ڪاپي سنڌ وائيس هٿ ڪري ورتي آهي.
داخل ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 3 جون 2026 تي مريض عبدالله جان جي فائيل مان اهم ترين ڪاغذ، جهڙوڪ نڪاح نامو، قسم نامو (حلف نامو)، ايف آر سي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جون ڪاپيون گم ٿي ويون آهن.
حيراني جي ڳالهه اها آهي ته پوليس وٽ هڪ ئي مسئلي جون ٻه ڌار ڌار اين سي رپورٽون داخل ٿيون آهن، جنهن مان هڪ ۾ ڪاغذ گم ٿيڻ ۽ ٻي ۾ نامعلوم هنڌ تي ڪري پوڻ جو ذڪر ٿيل آهي.
ياد رهي ته گمس اسپتال ۾ عبدالله جان نالي مريض جو گڙدي جو آپريشن ٿيو هو، جنهن ۾ گڙدو عطيو ڪندڙ عورت کي مريض جي ڪوڙي زال ڏيکاريو ويو هو.
هي اسڪينڊل خانگي ٽي وي چينل تي نشر ٿيڻ کانپوءِ ايف آءِ اي سکر معاملي جو نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي جي جاچ کي روڪڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر وسيم سرور ڀٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ درخواست داخل ڪرائي رکي آهي، جنهن دوران هاڻي اهم رڪارڊ جو گم ٿيڻ ڪيترائي سوال اٿاري رهيو آهي.
پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.


