گهوٽڪي ويجهو 2 معصوم نينگريون واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت

1 Min Read

گهوٽڪي (رپورٽر) خانپورمهر ويجهو واٽر ڪورس ۾ ٻڏي ٻه معصوم نينگريون فوت ٿي ويون.

بچاءَ بند ڀرسان ڳوٺ اسماعيل پتافي ۾ گهرن ڀرسان وهندڙ واٽر ڪورس ۾ ٻه نينگريون ٻڏي ويون، جيڪي فوت ٿي ويون.

فوت ٿيل نينگرين ۾ 10 ورهين جي اجوا ڌيءَ اختيار پتافي ۽ 8 ورهين جي سبياڻي ڌيءَ عبدالمالڪ پتافي شامل آهن.

واقعي کانپوءِ وارثن ۽ علائقي واسين پهچي نينگرين جا لاش واٽر ڪورس مان ڪڍي گهر پهچايا، جتي ٻنهي ٻارڙين جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

Share This Article
Leave a Comment