هيمبرگ ( ويب ڊيسڪ ) هڪ نئين طبي تحقيق موجب هوڙ مان رت اچڻ رڳو ڏندن جي مسئلي جي نشاني نه، پر گردن جي خطرناڪ بيماري جي شروعاتي علامت به ٿي سگهي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هوڙ جو سُڄي وڃڻ، ڳاڙهي ٿي وڃڻ يا ڏند صاف ڪرڻ دوران رت اچڻ جهڙيون علامتون عام طور تي وات جي صفائي نه رکڻ سبب ٿينديون آهن. جڏهن ڏندن تي جمع ٿيل ميل (ڊينٽل پلاڪ) سخت ٿي وڃي ٿو ته اهو هوڙ ۾ سوزش، جلن ۽ رت اچڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
جرمني جي شهر هيمبرگ ۾ ٿيل هڪ وڏي تحقيق دوران 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ڏندن ۽ هوڙ جي صحت جو جائزو ورتو ويو. تحقيق ۾ معلوم ٿيو ته جن ماڻهن جا گردا مڪمل طور تي صحتمند هئا، انهن مان صرف 14 سيڪڙو سخت هوڙ جي بيماري ۾ مبتلا هئا، جڏهن ته جن ماڻهن جي گردن جي ڪارڪردگي وچولي سطح تائين متاثر ٿي چڪي هئي، انهن ۾ اها شرح وڌي 35 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿي وئي.
محققن موجب خراب هوڙ جي صحت ۽ گردن جي ڪارڪردگي ۾ لاڳيتو گهٽتائي وچ ۾ واضح لاڳاپو موجود آهي. جن ماڻهن جي پيشاب ۾ البومن نالي پروٽين جي مقدار وڌيڪ هئي، جيڪا گردن جي خرابي جي نشاني سمجهي ويندي آهي، انهن ۾ هوڙ جي بيماري وڌيڪ شديد ڏٺي وئي.
تحقيق ۾ اهو به سامهون آيو ته ڏندن جو ڪري وڃڻ ۽ ڏندن کي سهارو ڏيندڙ بافتن (ٽشوز) جو نقصان به گردن جي صحت خراب ٿيڻ سان گڏ وڌندو وڃي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته وات ۽ ڏندن جي صحت سڄي جسم جي صحت سان ويجهو لاڳاپيل آهي. اڳوڻين تحقيقن موجب هوڙ جي دائمي سوزش دل جي بيمارين ۽ ذيابيطس جهڙين سنگين بيمارين سان پڻ لاڳاپيل ٿي سگهي ٿي.
هي تحقيق طبي جرنل انٽرنيشنل جرنل آف اورل سائنس ۾ شايع ٿي آهي. يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر هيمبرگ جي پروفيسر ڊاڪٽر غزال اعرابي چيو آهي ته هوڙ جي بيماري ۽ گردن جي شروعاتي خرابي وچ ۾ موجود لاڳاپو ظاهر ڪري ٿو ته وات جي صحت، گردن جي بيمارين جي سڃاڻپ ۽ جائزي لاءِ هڪ اهم اشارو ثابت ٿي سگهي ٿي.


