ڳڙهي خيرو: بيگاري ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو سنڌ – بلوچستان دنگ وٽ ڌرڻو

1 Min Read

ڳڙهي خيرو (رپورٽ: علي نواز ملغاڻي): بيگاري ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ مختلف واهن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا.

آبادگارن سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي بيگاري پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙ آبادگارن جو چوڻ آهي ته بيگاري ڪئنال جي انجنيئر مختيار شيخ جي مبينا نااهلي سبب هزارين ايڪڙن تي پوکيل خريف جا فصل ۽ ٻج سڪي رهيا آهن.

مظاهرين الزام لڳايو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن مختلف واهن ۾ پاڻي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب ڪروڙين رپين جي ماليت جا فصل تباهي جي ڪناري تي پهچي ويا آهن.

آبادگارن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب رڳو فصل ئي متاثر نه ٿي رهيا آهن، پر علائقي ۾ پکي ۽ چوپايو مال به پاڻي جي کوٽ سبب سخت پريشان آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي بيگاري ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ ڪوٽڙي شاخ، تاجا شاخ، لنڊ مائنر، لعل شهباز شاخ ۽ گل شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي، جيئن خريف جي فصلن کي تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهجي.

Share This Article
Leave a Comment