سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جون ڪوششون رد، سنڌ اسيمبلي ۾ تاريخي ٺهراءُ منظور

2 Min Read

 ڪراچي (رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ اسيمبلي صوبي جي ورهاڱي ۽ نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي قيام بابت سمورين ڪوششن کي متفقه طور رد ڪندي اهم ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.

سنڌ اسيمبلي جي ڊگهي اجلاس دوران وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي يا صوبي جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي.

مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان کي بندرگاهه ۽ دنيا ڏانهن دروازو ڏيندڙ سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه به قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ پاڪستان ٺاهڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ ملڪ جي قيام لاءِ سنڌ اسيمبلي اهم فيصلا ڪندڙ پهرين اسيمبلي هئي.

وزيراعليٰ چيو ته ماضي ۾ به ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون ڪوششون ٿيون، پر سنڌ جي عوام ۽ اسيمبلي انهن کي رد ڪيو. سندس چوڻ هو ته 1973ع جي اصل آئين ۾ صوبن کي تحفظ ڏنو ويو هو، تنهنڪري آئين تحت سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي.

نئين صوبن جي قيام بابت آبادي جي بنياد واري دليل کي رد ڪندي مراد علي شاهه چيو ته صوبن جو قيام رڳو آبادي وڌڻ جي بنياد تي نه، پر ضرورت تحت ٿيندو آهي. هن آمريڪا جي ڪيليفورنيا رياست جو مثال ڏيندي چيو ته آبادي ۾ وڏي واڌ باوجود ان کي ٽڪرن ۾ ورهايو نه ويو.

مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن تي پڻ تنقيد ڪندي الزام لڳايو ته اهي ’بغل ۾ ڇري، منهن تي رام رام‘ واري پاليسي تي هلي رهيا آهن ۽ خوف سبب ايوان مان هليا ويا.

هن مصطفىٰ ڪمال جي ’انتظامي يونٽن‘ واري فارمولي کي پڻ رد ڪندي چيو ته پاڪستان جي وسيلن مان فائدو وٺندڙ ارب پتي ماڻهو ويهي نون صوبن بابت فيصلا نٿا ڪري سگهن، ڇو ته اهڙا فيصلا چونڊيل اسيمبلين جو اختيار آهن.

ايوان ۾ ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment