خيرپور پوليس جا 40 اهلڪار نوڪرين مان برطرف، 27 ڪوارٽر گهاٽ

1 Min Read

گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي 40 پوليس اهلڪارن کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو، ٽن اهلڪارن کي جبري ريٽائرڊ ۽ 27 اهلڪارن کي ڪوارٽر گهاٽ ڪرڻ جو حڪم  ڏنو ويو.

خيرپور پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي پوليس لائين ۾ اردلي روم ڪيو، جنهن ۾ 77 پوليس اهلڪار پيش ٿيا جن مان 40 پوليس اهلڪارن کي ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ سبب نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو

اردلي روم دوران ايس ايس پي خيرپور ٽن اهلڪارن کي جبري ريٽائرڊ ڪري ڇڏيو جڏهن ته شڪايتن سبب 27 اهلڪارن کي ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو.

ايس ايس پي خيرپور موجب جيڪو پوليس اهلڪار يا آفيسر سٺو ڪم ڪندو ان کي انعام سان نوازيو ويندو جيڪو نوڪري ۾ غفلت ڪندو ان خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment