واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس هرمز جي معاملي ۾ ڪافي بهتر رويو اختيار ڪيو آهي.
اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران پنهنجي فوجين کي پگهارون ادا نه ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا صورتحال تي ڪنٽرول رکيو آهي ۽ ايران خلاف آمريڪي ناڪابندي جاري آهي.
آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته روزانو لکين بيرل تيل هرمز لنگهه مان گذري رهيو آهي، جڏهن ته واشنگٽن اهم آبي گذرگاهه کي بارودي سرنگن کان مڪمل طور صاف ڪري ڇڏيو آهي.
ٽرمپ موجب هرمز جي صورتحال تي آمريڪا نظر رکي رهيو آهي ۽ آبي گذرگاهه ۾ تيل جي آمدرفت جاري آهي.


