سکر(عبدالغفور شيخ) ايئرپورٽ روڊ تي هٿياربندن شهري کان موٽرسائيڪل کسي ورتي، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي شهري کي گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب دادو ڪينال تي پل نمبر 6 وٽ آرائين هيڊ پل ڀرسان 2 کان 3 اڻڄاتل هٿياربند موٽرسائيڪل سوار شڪي ماڻهن ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي روڪي ورتو.
هٿياربندن ٻنهي کان موٽرسائيڪل کسي ورتي، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي 55 ورهين جي الله جويو جتوئي کي گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.
زخمي کي اسپتگال منتقل ڪيو ويو، پوليس واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


