هڱورجا ڀرسان اسڪول ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، شاگرد گولي لڳڻ سبب زخمي

1 Min Read

گمبٽ(ممتاز ميمڻ)  هڱورجهاٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ راڄپر ۾ هٿياربندن اسڪول اندر فائرنگ ڪري شاگرد کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.

علائقي واسين موجب راڄپر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ جهيڙي تان هٿياربندن اسڪول ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ شاگرد عادل راڄپر گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

واقعي کانپوءِ هٿياربند فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس بروقت واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنهن سبب علائقي واسين ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڳڻتي پکڙجي وئي.

زخمي شاگرد کي وارثن پاران فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment