شڪارپور(رپورٽ: عتيق ڌڪڙ) خانپور روڊ تي مزدا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب فوتين ۾ حاڪم اوڏ، خانچند، رميش ۽ سندس ڀائيٽو شامل آهن، جڏهن ته حادثي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جڏهن ته فوتين جو تعلق لاهور سان ٻڌايو وڃي ٿو.
حادثي کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي مزدا جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


