لارڊز ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ وري ناڪام، انگلينڊ خلاف ٽيم 110 رنسن تي ڍير

2 Min Read

لارڊز ( ويب ڊيسڪ ) لارڊز ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائن هڪ ڀيرو ٻيهر مڪمل طور ناڪام ٿي وئي، انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ قومي ٽيم صرف 110 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ميزبان ٽيم کي پاڪستان خلاف 180 رنسن جي اهم برتري حاصل ٿي وئي آهي.

لارڊز ۾ جاري ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن انگلينڊ پنهنجي پهرين اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 248 رنسن کان اڳتي وڌائي، پر پاڪستاني بالرن انگلش ٽيم کي وڌيڪ وڏو اسڪور ڪرڻ نه ڏنو ۽ پوري ٽيم 290 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان طرفان شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي محمد عباس 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته محمد علي 3 انگلش بيٽرن کي آئوٽ ڪيو.

انگلش ٽيم جي 290 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي بيٽنگ شروع ٿي ته هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ٽيم جي ٽاپ آرڊر مڪمل طور ناڪام نظر آيو.

شان مسعود صرف هڪ، عبدالله شفيق 5، بابر اعظم 8، محمد رضوان 7 ۽ محمد عباس 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته علي عثمان ۽ خرم شهزاد هڪ، هڪ رنس تائين محدود رهيا.

پاڪستان طرفان اذان اويس 46 رنسن سان ڪجهه مزاحمت ڪئي، جڏهن ته سعود شڪيل 16 رنسون ٺاهيون. قومي ٽيم جا 8 بيٽر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا.

اوپننگ بيٽر امام الحق پنڊلي جي تڪليف سبب بيٽنگ لاءِ ئي نه اچي سگهيو، جنهن سان پاڪستان جي بيٽنگ لائن کي وڌيڪ نقصان پهتو.

انگلينڊ طرفان اولِي رابنسن 4 وڪيٽون حاصل ڪري پاڪستاني بيٽنگ جي تباهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته جوفرا آرچر 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

اهڙيءَ طرح پاڪستان جي پوري ٽيم صرف 110 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ انگلينڊ کي پهرين اننگز جي بنياد تي 180 رنسن جي برتري حاصل ٿي وئي.

پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي ڳڻتي هڪ ڀيرو ٻيهر بيٽنگ لائن جي ناڪامي آهي، جتي ٽاپ آرڊر جا اهم بيٽر انگلينڊ جي بالنگ آڏو بي وس نظر آيا.

Share This Article
Leave a Comment