اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پمز نرسري سانحي کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود جاچ ڪميٽي جي شروعاتي رپورٽ اڃا سامهون نه اچي سگهي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن عملي ۽ آفيسرن جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن.
صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو هو ته رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته ڪنهن کي به بچايو نه ويندو ۽ رپورٽ لڪائي نه ويندي.
قومي اسيمبلي پمز سانحي تي گڏيل ٺهراءُ به منظور ڪري ورتو، جنهن ۾ ذميوارن جو تعين ڪري سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.


