دادو: (اي بي خشڪ) دادو جي ڪچي واري علائقي دانو چانڊيو ۾ چانڊيو برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ دشمني ۽ زميني تڪرار تان هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
مليل ڄاڻ موجب فائرنگ ۾ بچل چانڊيو، حاجن، منظور، سلطان، ذوالفقار ۽ حبيب الله چانڊيو سميت 8 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته زخمين ۾ ممتاز ۽ غلام قادر چانڊيو پڻ شامل آهي. زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو مان سيوهڻ منتقل ڪيو ويو آهي.
فائرنگ دوران هڪ واٽهڙو عورت جي به زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
ايس ايس پي دادو موجب، اطلاع ملڻ بعد پوليس ڪچي واري علائقي ۾ پهچي فائرنگ جو سلسلو بند ڪرائي ڇڏيو آهي.
چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار گذريل 2 سالن کان جاري آهي، جنهن دوران اڳ به 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.
هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري بنا فرق قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پڻ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي واقعي جي شفاف جاچ ۽ سمورن جوابدارن جي جلد گرفتاري جون هدايتون جاري ڪيون آهن.


