ملير: ڦر مزاحمت تي 18 ورهين جو نوجوان قتل، 3 ڦورو فرار

1 Min Read

ملير: (شاهد ڇڄڙو) شاهه لطيف ٽائون جي سيڪٽر 20 سي، خديجا مسجد ڀرسان موٽر سائيڪل سوار 3 اڻڄاتل ڦورن ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري 18 ورهين جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.

مقتول جي سڃاڻپ ڪاشف پٽ شوڪت اعواڻ طور ٿي آهي.

اطلاع ملڻ تي شاهه لطيف ٽائون پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون موجب 3 اڻڄاتل ڦورو ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment