شڪارپور: (عتيق ڌڪڙ) رستم ڀرسان محمودآباد واري علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ پيءُ مبينا طور پنهنجي ڌيءُ بشيران ۽ نوجوان الطاف سومرو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
واقعو گذريل رات پيش آيو. قتل ٿيل نوجوان الطاف سومرو جا وارث سندس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چڪ اسپتال کڻي ويا. وارثن واجد سومرو ۽ عاشق سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته عبدالله سومرو سندن نوجوان کي ناحق قتل ڪرڻ بعد ڪارنهن جو الزام هڻي پنهنجي ڌيءُ بشيران کي به قتل ڪيو.
هوڏانهن محمودآباد پوليس ٻنهي قتلن ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار عبدالله سومرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.


