ڪراچي: شاھ لطيف ٽائون جي سيڪٽر 17-اي ۾ علي ڳڙهه اسڪول ڀرسان هڪ گهر مان نوجوان جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي.
پوليس موجب هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ 25 کان 30 ورهين جي انيل نالي نوجوان طور ٿي آهي.
پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


