مڪو معاهدو، پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جو اسنتبول ۾ اهم اجلاس، فيلڊ مارشل شريڪ

2 Min Read

استنبول ( ويب ڊيسڪ ) مڪي گڏيل دفاعي معاهدي تحت پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي ڪميٽي جو پهريون اجلاس استنبول ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، دفاعي وزيرن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان چيو ته اجلاس جو مقصد علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ آهي.

حاقان فيدان چيو ته اجلاس ۾ اداري سازي ۽ اتحاد جي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف قدمن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ ڪيل فيصلا نتيجا خيز ثابت ٿيندا.

ترڪ پرڏيهي وزير موجب پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جو اتحاد بين الاقوامي قانون تي ٻڌل آهي ۽ ڪنهن به مخصوص ملڪ خلاف ناهي.

اجلاس ۾ وڌندڙ علائقائي ۽ عالمي ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ گڏيل ذميوارين جي تعين، علائقائي ۽ عالمي سلامتي، ٽنهي ملڪن جي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ هٿياربند فوجن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي غور ڪيو ويو.

دفاعي صنعت ۾ گڏيل پيداوار، تحقيق ۽ ترقي، جڏهن ته دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جا معاملا پڻ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل هئا.

مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جو مقصد ٽنهي ملڪن وچ ۾ سلامتي، امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ، گڏيل دفاعي صلاحيت ۽ اجتماعي دفاعي طاقت کي مضبوط بڻائڻ آهي.

Share This Article
Leave a Comment