سکر (عبدالغفور شيخ) پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي ڪنڌرا ريلوي اوور هيڊ پل ڀرسان مسافر ويگن ۽ ٽرالر ۾ زوردار ٽڪر سبب هڪ عورت سميت 6 مسافر زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب رحيم يار خان کان سکر ويندڙ ويگن پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرالر سان پويان کان ٽڪرائجي وئي. زخمين ۾ عورت ظهران، سندس پٽ آصف، 8 ورهين جو اختر جمالی، ويگن ڊرائيور 30 ورهين جو اشرف ۽ ٻيا مسافر شامل آهن.
حادثي کانپوءِ پٽڻي پوليس ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي زخمين کي ريسڪيو 1122 ذريعي تعلقه اسپتال روهڙي منتقل ڪيو، جتي ڊرائيور اشرف جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس سکر منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب شروعاتي ڄاڻ تحت ويگن جا بريڪ نه لڳڻ سبب اها اڳتي ويندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.


