بدين: ضلعي جي مختلف شهرن ۾ شٽر ڊائون هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند

1 Min Read

بدين (اسحاق شيخ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي پيٽروليم شين تي لاڳو حڪومتي ليوي ۽ مهانگائي خلاف بدين، ٽنڊوباگو، گولاڙچي، تلھار، ماتلي، شادي لارچ، ڪڍڻ، پنگريو ۽ کوسڪي ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي.

هڙتال سبب اهم ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته جماعت اسلامي جي ڪارڪنن شهرن ۾ گشت پڻ ڪيو. بدين شهر ۾ شهباز روڊ، قائداعظم روڊ، شاهي بازار ۽ صرافه بازار سميت ڪاروباري مرڪز بند رهيا.

جماعت اسلامي ضلعي امير سيد علي مردان شاهه گيلاني چيو ته واپارين، ٽرانسپورٽرن، مزدورن، هارين ۽ شاگردن هڙتال کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سهڪار ڪيو. هن حڪومت کان پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ، غيرضروري خرچ ۽ مراعتون گهٽائڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment