تل ابيب ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيل ايران جي موجوده حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سندس هدايت تي لاڳاپيل سمورا ادارا ايراني حڪومت کي شڪست ڏيڻ لاءِ سرگرم آهن.
اسرائيلي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نيتن ياهو چيو ته اسرائيلي پائلٽ ڪنهن به وقت ايران ۾ فوجي ڪارروائي لاءِ پهچي سگهن ٿا.
ايران بابت نيتن ياهو جو هي موقف اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن خطي ۾ آمريڪا، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي. تازي صورتحال ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ حملن ۽ جوابي ڪاررواين سبب وچ اوڀر ۾ صورتحال انتهائي سنگين ٿي وئي آهي.
غزه تي به اسرائيلي موقف برقرار
غزه بابت نيتن ياهو دعويٰ ڪئي ته اسرائيل غزه جي لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو علائقي تي ڪنٽرول رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته اسرائيل جو مقصد حماس کي غير مسلح ڪرڻ ۽ غزه کي فوجي طور غير فعال ڪرڻ آهي.
نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزه ۾ پنهنجي فوجي موجودگي ان وقت تائين جاري رکندو، جيستائين حماس کي مڪمل طور غير مسلح ڪرڻ جا مقصد حاصل نه ٿين.


