گمبٽ(ممتاز ميمڻ) سوڀوديرو اسپتال جي ايم ايس ۽ ايس ايڇ او جبار ميمڻ وچ ۾ تڪرار وارو معاملو شدت اختيار ڪري ويو، اسپتال جي عملي پاران ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي عملي جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او جبار ميمڻ کي هٽايو وڃي ۽ اسپتال جي عملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن پاران اسپتال ۾ احتجاجي ڪيمپ پڻ قائم ڪئي وئي، جڏهن ته عملي او پي ڊي جو بائيڪاٽ جاري رکيو.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اسپتال جي عملي سان مبينا بدسلوڪي ۽ تڪرار واري معاملي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.


