اوٻاوڙو ڀرسان ريڻي ڪينال مان عورت جو هٿ ۽ پير ٻڌل لاش هٿ

1 Min Read

اوٻاوڙو (علي رضا) اوٻاوڙو ڀرسان ريڻي ڪينال مان هڪ اڻسڃاتل عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن جا هٿ ۽ پير ٻڌل هئا، جنهن سبب عورت کي قتل ڪري لاش ڪينال ۾ اڇلائڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ڳوٺاڻن ريڻي ڪينال ۾ عورت جو لاش لڙهندي ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.

پوليس جي نگراني ۾ عورت جو لاش ڪينال مان ٻاهر ڪڍي اوٻاوڙو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته عورت جي ڪنن مان سونا والا لاهڻ جا نشان پڻ نظر اچن ٿا، جنهن سبب خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته زيورن لاءِ عورت کي قتل ڪرڻ بعد لاش ڪينال ۾ اڇلايو ويو هجي.

پوليس موجب عورت جي لاش جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment