ڪراچي(شاهد ڇڄڙو) ملير سٽي ۾ بااثر شخص ماڊل گورنمينٽ سيڪنڊري غازي بروهي اسڪول جي عمارت جي مالڪي دعويٰ ڪندي ٻارن ۽ استادن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، 700 کان وڌيڪ شاگرد تعليم جي سهولت کان محروم ٿي ويا آهن.
اسڪول جي عمارت خالي ڪرائڻ سبب گهٽي ۾ پٽ تي شاگردن جو ڪلاس ورتو ويو.
استادن موجب اسڪول ۾ گذريل 50 سالن کان تعليمي سلسلو جاري هو پر اوچتو عمارت خالي ڪرائڻ سبب شاگردن ۽ استادن ۾ سخت بيچيني پيدا ٿي وئي آهي.
والدين پڻ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسڪول بند ٿيڻ سبب 700 کان وڌيڪ ٻارن جي تعليم ۽ مستقبل متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
شاگردن ۽ والدين مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتو معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، اسڪول جي عمارت بابت تڪرار جي شفاف جاچ ڪرائي ۽ جيڪڏهن عمارت تي ڪنهن جو غيرقانوني قبضو ثابت ٿئي ته ان کي ختم ڪرائي اسڪول واپس بحال ڪيو وڃي.


