ڪراچي: نجي اسپتال ۾ ڊليوري دوران نئون ڄاول ٻار ڳچيءَ تي تيز اوزار جا وڍ اچڻ سبب فوت

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) محمودآباد جي نجي اسپتال ۾ ڊليوري دوران نئون ڄاول ٻار ڳچيءَ تي تيز اوزار لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.

پوليس موجب ٻار جو مڙهه قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي.

اسپتال انتظاميا جي ڪنهن به فرد کي گرفتار ناهي ڪيو ويو.

وارثن جو الزام آهي ته ڊليوري دوران عملي جي مبينا غفلت سبب ٻار جي ڳچيءَ تي اوزار لڳو، جنهن سان رت وهڻ لڳو.

وارثن جو چوڻ آهي ته کين شروعات ۾ ٻار جي فوت ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو، پر پوءِ ڳچيءَ تي زخم ۽ رت ڏسي واقعي جي خبر پئي.

وارثن موجب هو غريب خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ پوسٽ مارٽم يا قانوني ڪارروائي نٿا ڪرائڻ چاهين، پر اسپتالن ۾ اهڙن واقعن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment