سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) بُوبي آئل فيلڊ ۾ نئين کوٽيل کوهه بُوبي-11 مان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
او جي ڊي سي ايل موجب بُوبي آئل فيلڊ مان روزانو اٽڪل 1 هزار بيرل تيل ۽ بُوبي-11 کوهه مان 1.0 ايم ايم ايس سي ايف ڊي قدرتي گئس جي پيداوار جي اميد آهي.
ڪمپني موجب بُوبي آئل فيلڊ جي 100 سيڪڙو ملڪيت او جي ڊي سي ايل وٽ آهي، جڏهن ته بُوبي ڊيپ-1 مان حاصل ٿيل زيرِزمين ڄاڻ بُوبي-11 جي ڪاميابي ۾ مددگار ثابت ٿي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته نئين کوهه سان علائقي ۾ تيل ۽ گئس جي وڌيڪ ذخيرن جا امڪان مضبوط ٿيا آهن ۽ مقامي پيداوار وڌائڻ واري حڪمت عملي کي پڻ هٿي ملي آهي.


