ڪراچي: ڊفينس ۾ نوجوان تي تشدد، مک جوابدار ملڪ ابراهيم گرفتار

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊفينس فيز 8 ۾ نوجوان علي جعفري تي تشدد واري ڪيس ۾ مک جوابدار ملڪ ابراهيم کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس ساحل ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

وائرل وڊيو ۾ 3 نوجوانن کي علي جعفري تي تشدد ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. متاثر نوجوان موجب هو دوستن سان ڊفينس فيز 6 ۾ ماني کائڻ ويو هو، ٻاهر نڪرڻ بعد ڪنهن سندس مٿي تي ڏنڊو هنيو، جنهن سبب هو بيهوش ٿي ويو.

علي جعفري جو چوڻ آهي ته جوابدار کيس ڪار ۾ کڻي ويا، تشدد ڪيو ۽ هڪ ڄڻو پستول تاڻي بيٺو رهيو. جوابدار مٿس معافي وٺڻ لاءِ به زور ڀريندا رهيا.

متاثر نوجوان دعويٰ ڪئي ته جوابدارن پئسا گهريا ۽ سندس اڪائونٽ مان خريداري پڻ ڪئي.

پوليس موجب نوجوان جو گزري ٿاڻي جي حد ۾ گيمنگ زون اندر جهيڙو ٿيو هو، جڏهن ته تشدد جو واقعو 29 آگسٽ تي پيش آيو.

Share This Article
Leave a Comment