نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) يو ايس اوپن ۾ دنيا جي نمبر 1 ٽينس رانديگرياڻي آرينا سبالينڪا ميچ دوران چرس جي تيز ڌپ سبب راند روڪي امپائر کي شڪايت ڪئي.
سبالينڪا ڪاميلا راخيمووا خلاف ميچ ۾ 3-0 جي برتري دوران امپائر کي چيو ته ”ڪير چرس پي رهيو آهي، ڌپ تمام تيز آهي.“ انتظاميا ڌپ جو ذريعو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کان پوءِ راند ٻيهر شروع ٿي.
سبالينڪا آخرڪار ميچ 6-3، 6-4 تان کٽي چوٿين رائونڊ ۾ پهچي وئي. هن بعد ۾ چيو ته ڌپ ايتري تيز هئي جو مقابلي دوران ڌيان ڏيڻ ڏکيو ٿي رهيو هو.


