ٿرپارڪر: نوان ڪپڙا نه ملڻ تي ناراض 15 سالن جي نينگري جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

1 Min Read

ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ڳوٺ ڪويا ۾ 15 سالن جي نينگري لڪشمي ڪولهي جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نينگري جي والد موجب عيد جي موقعي تي لڪشمي نوان ڪپڙا گهريا هئا، پر غربت سبب ڪپڙا وٺي نه سگهيا، جنهن تي هوءَ ناراض ٿي وئي هئي.

پوليس موجب وارثن جي بيانن مان واقعو آپگهات جو لڳي ٿو، تنهن هوندي به واقعي جي سمورن پاسن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment