ڪشمور: ڊکڻ بنگلو لڳ ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار فوت

1 Min Read

ڪشمور (رپورٽر) ڊکڻ بنگلو ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

فوتين ۾ 28 ورهين جو شير جان مزاري ۽ 38 ورهين جو ڪريم بخش مزاري شامل آهن. حادثي ۾ ڪريم بخش مزاري ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سخت زخمي شير جان مزاري کي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، جتي هن پڻ دم ڏئي ڇڏيو.

ضروري ڪارروائي بعد ٻنهي فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.

Share This Article
Leave a Comment