دادو: 2 نوجوانن کي مبينا کنڀي تشدد ڪرڻ جو الزام، پوليس عملدار 8 سيپٽمبر تي طلب

1 Min Read

دادو (اي بي خشڪ) پوليس پاران 2 دوستن کي مبينا طور کنڀي تشدد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڳوٺ حيدر جمالي جي رهواسي فرحان علي جمالي ايس ايس پي ڪمپليئنٽ سيل ۾ لکت ۾ درخواست ڏئي الزام لڳايو آهي ته 3 سيپٽمبر تي هو دوست حزب الله سان گڏ هوٽل تي ويٺل هو ته سي آءِ اي دادو ۽ ٻين پوليس اهلڪارن کيس کنڀي سي آءِ اي ٿاڻي تي قيد ڪري تشدد ڪيو.

درخواستگذار موجب وارثن جي احتجاج بعد پوليس ٻنهي نوجوانن کي آزاد ڪيو. نوجوانن جي درخواست تي ايس ايس پي ڪمپليئنٽ سيل الزام هيٺ پوليس عملدارن کي 8 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ وارثن فرحان ۽ حزب الله جي گرفتاري خلاف احتجاج پڻ ڪيو هو.

Share This Article
Leave a Comment