سکر: دفاع ڏهاڙي تي شاندار ريلي، ۽ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب، شهيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش

1 Min Read

سکر(عبدالغفور شيخ) يومِ دفاعِ پاڪستان جي موقعي تي سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان شاندار ريلي ۽ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شهيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ميونسپل جناح اسٽيڊيم کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ميئر سکر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، چونڊيل نمائندن، سرڪاري آفيسرن، سول سوسائٽي، نوجوانن، ڪاروباري برادري، ميڊيا نمائندن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

واڪنگ ٽريڪ سکر تي قومي جهنڊو ڦڙڪائن ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب پڻ ڪوٺائي وئي.

ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ”پاڪستان زنده باد“ جا نعرا هنيا.

Share This Article
Leave a Comment