گمبٽ (رپورٽر) ٽالپر وڏا ۾ نامياري راڳي سهراب فقير جي پٽ ۽ مشهور ڳائڻي سلامت سهراب فقير جي گهر مان اڻڄاتل چور 4 تولا سونا زيور، اڍائي لک رپيا روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.
سلامت سهراب فقير موجب، گرمي سبب گهر جي اڱڻ ۾ ستل هئاسين ته چور گهر جي پوئين پاسي کان داخل ٿي چوري ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بابت حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، پر پوليس سهڪار نه پئي ڪري.
متاثر ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ پوليس اختيارين کان نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائڻ ۽ چورن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


