واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف جنگ شروع ڪرڻ جي فيصلي تي کيس ڪو به پڇتاءُ ناهي، ۽ جيڪڏهن ٻيهر موقعو مليو ته هو ايران تي حملو ڪرڻ جو ئي فيصلو ڪندو.
فاڪس نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، جڏهن ته ايران خلاف جنگ جا نومبر ۾ ٿيندڙ مڊٽرم چونڊن تي ڪو به اثر نه پوندو.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته سندس حامي ايران خلاف جنگ جي معاملي تي مايوس نه آهن، پر کين فخر آهي ته آمريڪا ايران خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي. ايران ۾ ڪجهه ماڻهو واشنگٽن ۾ سياسي تبديليءَ جو انتظار ڪري رهيا آهن ۽ کين اميد آهي ته ڊيموڪريٽس ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏيندا.
آمريڪي صدر چيو ته ايران کي ايٽمي هٿيارن کان روڪڻ سندس پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته ايران خلاف جنگ مڊٽرم چونڊن کان فوري پوءِ ختم ٿي ويندي. هن دعويٰ ڪئي ته ايران جي بحري صلاحيت به ختم ڪري ڇڏي آهي.


