گمبٽ: گمس ملازم خلاف عورت اسٽاف کي مبينا حراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪين جو ڪيس، جوابدار گرفتار

2 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمس اسپتال ۾ عورت اسٽاف کي مبينا طور حراسان ڪرڻ، دوائن جي چوري ۽ گمس انتظاميا کي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل ۽ 15 اڻڄاتل جوابدارن خلاف گمبٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس گمس اسپتال جي اسسٽنٽ ليگل ايڊوائيزر غلام عباس رتڙ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪينسر شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر سبطين شاهه کيس ٻڌايو ته گمس جي ملازم احتشام لغاري خلاف عورت اسٽاف کي حراسان ڪرڻ ۽ اسپتال مان دوائون چوري ڪرڻ جون شڪايتون مليون هيون.

فريادي موجب، شڪايتن کانپوءِ احتشام لغاري کي ملازمت مان فارغ ڪيو ويو، جنهن بعد هن مبينا طور مختلف فون نمبرن ۽ جعلي سڃاڻپ ذريعي گمس جي مختلف شعبن جو سربراهه ظاهر ڪري انتظاميا کي فون ڪرڻ شروع ڪيا ۽ کيس ٻيهر نوڪري تي بحال ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو.

ڪيس جي متن موجب، جوابدار مبينا طور جعلي آءِ ڊيز ذريعي 20 لک رپين جي گهر به ڪندو رهيو، جڏهن ته رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون.

فرياد ڪندڙ جو وڌيڪ الزام آهي ته احتشام لغاري مبينا طور 15 ڄڻن تي ٻڌل گروهه ذريعي مختلف کاتن جي سربراهن جي نالي سان مٿس دٻاءُ وجهندو ۽ بليڪ ميل ڪندو رهيو.

هوڏانهن پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدار احتشام لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

Share This Article
Leave a Comment