ڪوٽڙي ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي جي صفائي عملي جو وڌايل پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

1 Min Read

ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح): ڪوٽڙي ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي جي صفائي ڪندڙ عملي حڪومت طرفان منظور ڪيل وڌايل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي آفيس جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

شهزاد مسيح، رفاقت مسيح، چندو لال، منير مسيح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿيل احتجاج ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ديدار شام پڻ يڪجهتي طور شرڪت ڪئي.

احتجاج ڪندڙ ملازمن چيو ته حڪومت پاران وڌايل پگهارون گذريل ٽن مهينن کان کين ادا ناهن ڪيون ويون، جڏهن ته هو سڄي شهر جي صفائي ڪري شهرين کي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن.

ملازمن جو چوڻ هو ته جائز حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي کين سختين ۽ ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته خاص ماڻهن جون پگهارون وڌايون ويون آهن، پر صفائي ڪندڙ عملي جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي.

احتجاج ڪندڙ صفائي عملي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حڪومت پاران منظور ڪيل وڌايل پگهارون فوري طور جاري ڪري کين سندن جائز حق ڏنو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment