Focus with Zardari
اهم خبرون

ملير ۾ مبينا پوليس مقابلا، 4 زخمين سميت 7 جوابدار گرفتار

1 Min Read

ملير(شاهد ڇڄڙو)  گڏاپ، اسٽيل ٽائون سميت ملير جي مختلف ٿاڻن جي پوليس مبينا مقابلن دوران 4 زخمين سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب گرفتار زخمي جوابدارن جي سڃاڻپ جاويد، الطاف، صدام حسين، علي مراد ۽ حبيب جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن عدنان ۽ دانيال خلاف پڻ مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جوابدار جاويد خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 4 ڪيس، صدام حسين عرف ذوالفقار خلاف مختلف ضلعن ۾ 5 ڪيس، جڏهن ته علي مراد ولد غلام مصطفيٰ خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 5 ڪيس داخل ٿيل آهن.

پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان 4 پسٽل، گوليون، 20 موبائل فون، 4 موٽرسائيڪلون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.

- Advertisement -

زخمي جوابدارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment