ملير ۾ مبينا پوليس مقابلا، 4 زخمين سميت 7 جوابدار گرفتار

1 Min Read

ملير(شاهد ڇڄڙو)  گڏاپ، اسٽيل ٽائون سميت ملير جي مختلف ٿاڻن جي پوليس مبينا مقابلن دوران 4 زخمين سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب گرفتار زخمي جوابدارن جي سڃاڻپ جاويد، الطاف، صدام حسين، علي مراد ۽ حبيب جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن عدنان ۽ دانيال خلاف پڻ مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جوابدار جاويد خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 4 ڪيس، صدام حسين عرف ذوالفقار خلاف مختلف ضلعن ۾ 5 ڪيس، جڏهن ته علي مراد ولد غلام مصطفيٰ خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 5 ڪيس داخل ٿيل آهن.

پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان 4 پسٽل، گوليون، 20 موبائل فون، 4 موٽرسائيڪلون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.

زخمي جوابدارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment