دادو (الله بخش خشڪ) پوليس حراست دوران شهري نادر جمالي جي مبينا قتل واري معاملي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ وارثن جي آئيني درخواست منظور ڪندي ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏي آهي.
نادر جمالي جي ڀاءُ بابر جمالي پاران داخل درخواست تي عدالت فيصلو ٻڌايو.
ان کان اڳ دادو جي مقامي عدالت نادر جمالي جي قتل بابت وارثن جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته دادو پوليس جي ٽن ايس ايڇ اوز، هڪ اي ايس آءِ سميت 13 اهلڪارن نادر جمالي کي حراست ۾ وٺي مبينا طور جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو.
الزام هيٺ آيل اهلڪارن ۾ ايس ايڇ او قربان قمبراڻي، انسپيڪٽر بينظير جمالي، ايس ايڇ او خليل الرحمان مسڻ ۽ 15 مددگار انچارج شاهد شيخ سميت 13 اهلڪار شامل آهن.
عدالت ايس ايس پي امير سعود مگسي خلاف الزام ثابت نه ٿيڻ تي سندس نالو درخواست مان خارج ڪري ڇڏيو.
پوليس 6 جنوري تي نادر جمالي کي مبينا مقابلي دوران مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جڏهن ته وارثن پوليس جي دعويٰ کي رد ڪندي واقعي کي حراست دوران قتل قرار ڏنو هو.


