ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبن جون سرحدون تبديل ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ضروري آهي، جڏهن ته سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪو به قدم سنڌ اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت واري قرارداد کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهي، سنڌ جي عوام اڳ ئي سنڌ جي ورهاڱي بابت پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.
قائد اعظم مزار تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن خدا نه خواسته قومي اسيمبلي سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪا قرارداد منظور ڪري ٿي ته اسان ان کي اڳ ئي رد ڪري چڪا آهيون. سنڌ اسيمبلي مان سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد منظور ڪرائي وئي آهي.
وڏي وزير چيو ته ضياءَ الحق جي دور ۾ آئيني ترميم ذريعي اهڙي شق شامل ڪئي وئي، جنهن تحت قومي اسيمبلي ڪنهن صوبي بابت فيصلو ته ڪري سگهي ٿي، پر جيستائين لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان قرارداد منظور نه ڪري، صدر ان تي صحيح نٿو ڪري سگهي.
سندس چوڻ هو ته هي شق سندس نظر ۾ غلط آهي ۽ ان کي ختم ٿيڻ گهرجي.
مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن کي ڳالهائڻ کان روڪي نٿو سگهجي، ڇو ته جمهوريت جي خاصيت ئي اها آهي ته هر ماڻهو کي پنهنجي راءِ جي اظهار جو حق حاصل آهي. البت هو ڪنهن ٻئي صوبي بابت ڳالهائڻ جو مجاز ناهي، سنڌ جي معاملي تي سنڌ جا ماڻهو پنهنجو فيصلو ڏئي چڪا آهن.
اين ايف سي بابت وڏي وزير چيو ته وفاق طرفان صوبن جا وسيلا پاڻ وٽ منتقل ڪرڻ يا اين ايف سي بابت اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي وئي، بجيٽ کان اڳ وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ چئن ئي صوبن جي وڏن وزيرن وفاق سان ايم او يو تي صحيحون ڪيون.
سندس چوڻ هو ته ايم او يو ۾ واضح طور لکيل آهي ته ستين اين ايف سي ايوارڊ جو سلسلو جاري رهندو.
وڏي وزير ملڪ جي معاشي صورتحال بابت چيو ته بزنس فورمز تي پاڪستان جو نظام ختم ٿيڻ يا ڪِرڻ جهڙين ڳالهين کي اهميت نه ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، غربت آهي، اسڪولن جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا موجود آهن، تنهن ڪري ڌيان مسئلا حل ڪرڻ ۽ شهرن توڙي صوبي کي بهتر بڻائڻ تي هجڻ گهرجي.


