ٽنڊوڄام ۾ ڏينهن ڏٺي 10 لک رپين جي ڦر، مزاحمت تي فائرنگ ۾ شهري زخمي

1 Min Read

حيدرآباد( ذاڪر لغاري)  ٽنڊوڄام ۾ ڏينهن ڏٺي هٿياربندن بئنڪ مان 10 لک رپيا ڪڍرائي گهر پهتل شهري کان رقم ڦر ڪري ورتي ۽ مزاحمت  تي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

مير ڪالوني واسي صديق سومرو کي گهر جي دروازي آڏو ٽن هٿياربندن گهيري ورتو ۽ هٿيارن جي زور تي 10 لک رپيا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس موجب مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن صديق سومرو کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ 10 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

زخمي صديق سومرو کي فوري طور سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ تفصيل ورتا.

Share This Article
Leave a Comment