سنڌ ۾ برساتن جي نئين نظام جو الرٽ، 13 کان 16 سيپٽمبر تائين وسڪاري جو امڪان

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي سنڌ ۾ برساتن جي نئين نظام بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، موسمياتي ماهرن موجب نئون موسمياتي نظام سنڌ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، جنهن سبب 13 کان 16 سيپٽمبر تائين صوبي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 13 سيپٽمبر جي شام يا رات کان برساتي سسٽم داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي کان وچولي درجي جي برسات پئجي سگهي ٿي. لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ٺٽو ۽ بدين ۾ به برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي پاران شهرين کي تيز هوائن ۽ برسات دوران احتياط ڪرڻ، بجلي جي ٿنڀن ۽ سائن بورڊن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتي سسٽم سبب شديد گرمي ۽ گهٽس ۾ گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي.

Share This Article
Leave a Comment