ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي برسي جي موقعي تي سندس لازوال خدمتن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن پاران گڏيل قرارداد پيش ڪئي وئي، جيڪا ايوان متفقه طور منظور ڪري ورتي.
اجلاس دوران مڪاني کاتي بابت سوالن واري وقفي ۾ پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا.
ايم ڪيو ايم جي ميمبر قرۃ العين ڪريم آباد، لياقت آباد ۽ ناظم آباد انڊر پاسز جي ڍانچن ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال جو معاملو اٿاريو، جڏهن ته فوزيه حميد گاڏين ۾ تيز روشني وارن بلبن جي استعمال کي حادثن جو سبب قرار ڏنو.
نقطه اعتراض تي ايم ڪيو ايم جي محمد نصير منگھوپير ۾ پوليس جي وردي ۾ مبينا ڦورن جي موجودگي ۽ حافظ قرآن نوجوان جي قتل جو معاملو اٿاريو، جڏهن ته هير سوهو پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
تحريڪ انصاف جي ميمبر پاران صوبي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو معاملو پڻ ايوان ۾ اٿاريو ويو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ۾ بجلي، گئس، پاڻي ۽ موٽر ويز جي مسئلن تي وفاق کان شڪايتون ڪندي سمورين سياسي جماعتن کي انهن معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
اسپيڪر اويس قادر شاهه بجلي جي مسئلي تي 23 سيپٽمبر تي سمورين بجلي ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس دوران سنڌ ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ جي قرارداد پڻ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايوان ۾ پيش ڪئي، جيڪا متفقه طور منظور ڪئي وئي.
قرارداد موجب سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري 20 جولاءِ 2026 کان 19 جولاءِ 2027 تائين جاري رهندي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ فاطمه يونيورسٽي ڪراچي جي قيام، اقرا يونيورسٽي جي قانون ۾ ترميم ۽ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسرچ ڊولپمينٽ بورڊ جي ترميمي بل سميت مختلف بل پڻ منظور ڪيا ويا.


