تلهار: آئس ۽ نشي واريون گوريون واپرائڻ بعد 30 ساله نوجوان فوت

1 Min Read

تلهار (رپورٽ: صابر حسين لغاري) وارڊ نمبر 9 جو رهواسي 30 ساله نوجوان حڪيم سولنگي مبينا طور وڏي مقدار ۾ آئس نشو ۽ نشي واريون گوريون واپرائڻ بعد بيهوش ٿي پيو، جنهن کي پهريان تلهار اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بدين اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نوجوان اڄ صبح علاج دوران فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش تلهار اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته وارث محبوب سولنگي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

واضح رهي ته وارثن موجب هلندڙ سال تلهار ۽ ڀرپاسي ۾ آئس نشي جي استعمال سبب 8 کان 10 نوجوان فوت ٿي چڪا آهن.

Share This Article
Leave a Comment