ڪراچي (رپورٽر) منگھوپير ۾ نيو ناظم آباد پل ڀرسان گهٽ عمر ڊرائيور ڪار هلائيندي موٽر سائيڪل سوار پيءُ ۽ ڌيءَ کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ورهين جي خولا يونس فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس 40 ورهين جو پيءُ محمد يونس زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب حادثي وقت ڪار 13 کان 14 ورهين جو ڇوڪرو هلائي رهيو هو، جنهن کي موجود ماڻهن پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس گهٽ عمر ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب زخمي محمد يونس فوت ٿيل نينگري جو پيءُ آهي. ڇيپا ايمبولينس ذريعي زخمي پيءُ ۽ نينگري جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.


