نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ڀرسان ڳوٺ غلام علي سولنگي ۾ سس ۽ گهرواري جي مبينا روين کان تنگ ٿي نوجوان بلاول سولنگي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.
زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشهروفيروز سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن فسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کيس وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه ريفر ڪري ڇڏيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول سولنگي الزام هنيو ته سندس سس گهرواري ۽ ٻارن کي پاڻ وٽ روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻارن سان ملڻ لاءِ وڃڻ تي مٿس مبينا تشدد ڪيو ويو.
نوجوان جو چوڻ هو ته کيس روزانو بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جنهن کان تنگ ٿي هن انتهائي قدم کنيو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هو فوت ٿي ويو ته ان جي ذميوار سندس سس ۽ گهرواري هوندي.


