ڪراچي سرجاني ٽائون واقعي ۾ زخمي ٻارڙي به دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 7 ڊي ۾ گهر اندر عورت ۽ سندس 3 ٻارڙين کي مبينا طور قتل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي ٿيل 18 مهينن جي ٻارڙي به دوران علاج فوت ٿي وئي، جنهن بعد واقعي ۾ فوتين جو انگ 4 ٿي ويو.

شروعاتي طور تي عورت ۽ ٻن ٻارڙين جا لاش مليا هئا ۽ هڪ ٻارڙي زخمي حالت ۾ ملي هئي جنهن پڻ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

فوتين ۾ 34 ورهين جي مهوش، 6 ورهين جي حرا، 5 ورهين جي حنين ۽ 18 مهينن جي اشميرہ شامل آهن.

پوليس موجب عورت ۽ ٻارن کي مبينا طور لٺ يا ڪنهن اوزار جي وار سان قتل ڪيو ويو.

پوليس موجب عورت ۽ ٻارڙين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ عورت جي مڙس کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment