ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ چوماسي جون سرگرميون برقرار آهن، جڏهن ته ڪراچي ڊويزن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جڏهن ته ڪٿي ڪٿي گجگوڙ سان هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي. 16 سيپٽمبر تي به موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26 کان 29 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ هوائون اولهه ۽ ڏکڻ اولهه کان هلنديون.


