گمبٽ (رپورٽر) قومي شاهراهه تي قلندري هوٽل سامهون تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي واسي موٽرسائيڪل سوار نثار احمد سرگاڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
اطلاعن موجب نثار احمد سرگاڻي روڊ جي ڪناري تان سلپ ٿيڻ سبب موٽرسائيڪل سميت روڊ تي ڪري پيو، جنهن دوران تيز رفتار ٽرالر مٿس چڙهي ويو. حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو.
اطلاع ملڻ تي گمبٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش گمس اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.


