ڄامشورو (رپورٽر: باسط ملاح) يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر ڄامشورو ۾ ”ثقافتي سڃاڻپ ۽ پاڪستان ۾ حڪمراني“ جي عنوان سان علمي مڪالمو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ يونيورسٽي جي پروفيسرن، دانشورن ۽ مختلف علمي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مڪالمي دوران ثقافتي سڃاڻپ، حڪمراني، تعليم ۽ معاشري سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن پنهنجي علمي ۽ فڪري نقطه نظر کان اهم پهلوئن تي روشني وڌي.
مقررَن ثقافتي سڃاڻپ جي اهميت ۽ بهتر حڪمراني لاءِ تعليم ۽ فڪري شعور جي ڪردار تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.


