Focus with Zardari

شڪارپور: جيڪب آباد روڊ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ فوت، هڪ زخمي

1 Min Read

شڪارپور (رپورٽر) جيڪب آباد روڊ نيشنل هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.

حادثي ۾ گل محمد لهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته شبير احمد زخمي ٿي پيو. پوليس لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

حادثي کانپوءِ فوتي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته پوليس ڪار ڊرائيور احمد علي کي گرفتار ڪري ورتو.

Share This Article
Leave a Comment